درويش آلو

درويش آلو: درويش آلوءَ بابت تحفته الڪرام جو ليکڪ مير علي شير قانع ٺٽويءَ لکي ٿو ته: ”درويش آلو هڪ مجذوب ۽ عارف بالله هو. هو اصل هندستان جو رهاڪو هو، پر سنڌ ۾ اچي نڪتو. هي ماٺ ڪريو پيو گھٽين ۾ گھمندو هو. ڪڏهن ڪڏهن ڪو اهڙو حرف چوندو هو، جيڪو سمجهه ۾ ايندو هو. درويش آلو جھنگ ۾ وڃي ڪاٺيون ڪندو هو ۽ ڪاٺين ۽ ڪانن جون ڀريون آڻي ضرورتمند ماڻهن کي ڏيندو هو. کيس ڪشف ۽ ڪرامت جو صاحب سمجهيو ويندو هو.“ سندس مزار ساڱري درياهه جي ڪناري تي ضلعي ٺٽي ۾ آهي. هن درويش جي ولادت ۽ وفات جي سنن بابت ڪا به خبر نه آهي.


لفظ درويش آلوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو